اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ت?? آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت ۾ بيههِ جهڙي طرح پاڪستان جي واکاڻ ڪئي آهي ان سان ڀارت جو پاڪستان کي دهشتگردي سان جوڙڻ ??ي ڪوششن کي بري طرح شڪست ۽ وزيراعظم عمران خان جي بيانيي کي ڪاميابي ملي آهي، ??ارت پنهنجي ئي لڳايل نفرت جي باهه ۾ بري طرح سڙي رهيو آهي. نجي ٽيلي ويزن چئن?? جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خاص مددگار چيو ت?? ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي انتهاپسندي ۽ تعصباڻي نسل پرستي ت?? ٻڌل سوچ کڻي اڳتي وڌي رهيو آهي، ??ارت ۾ مسلمانن تي ظلم دنيا جي سامهون ان جي نام نهاد جمهوريت پسنداڻي چهري کي داغدار ڪري ڇڏيو آهي.