اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) نيش??ل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران ڪالهه آچر ڏينهن جاري تفصيل موجب گذريل 24 ڪل??ڪن دوران ڪورونا جا 25013 ٽيسٽ ڪيا ويا جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 92624 مر??ض صحتياب ٿي ويا آهن جيڪو نمايان انگ آهي. سڄي ملڪ ۾ 502 مر??ض وينٽي ليٽر تي آهن جڏهن ته ڪورونا جي مر??ضن جي لاء?? 1562 وينٽي ليٽر رکيا ويا آهن. ملڪ ۾ 27 جون تي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 4072 رهيو جڏهن ته مجموعي طور تي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 106213 آهي. هيستائين 202955 ڪيسز سامهون آيا آهن. سنڌ ۾ 78267، پنجاب ۾ 74202، اسلام آباد ۾ 12395، گلگت بلتستان ۾ 1423، بلوچستان ۾ 10261، خيبرپختونخواهه ۾ 25380 ۽ آزاد ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ 1027 مر??ض آهن. ڪورونا سبب 27 جون تي 83 ماڻهو فوت ٿيا آهن. جڏهن ته فوت ٿيندڙن جو مجموعي انگ 4118 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ 1243، پنجاب ۾ 1673، خيبرپختونخواهه ۾ 914، اسلام آباد ۾ 122، بلوچستان ۾ 144، گلگت بلتستان ۾ 24 ۽ آزاد ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ 28 ماڻهو فوت ٿيا آهن. هيستائين 1239153 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سهولتن وارين 768 اسپتالن ۾ 5342 مر??ض داخل آهن.