اسلام آ??اد – 26 آگسٽ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپني طرفان 8 سال اڳ عورت ۽ سندس ٻار جي بجلي جي ڪرنٽ ل??ڻ سبب فوت ٿيڻ کانپوءِ معاوضي ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن اندر وارثن کي اهو معاوضو ادا ڪيو وڃي. ايوان ??در ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ??در حيدرآ??اد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني حيسڪو طرفان معاوضي جي ادائيگي ۾ دير تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته حيسڪو وفاقي محتسب جي حڪم جي پاسداري ڪري ۽ 30 ڏينهن اندر شڪايت ڪندڙ کي معاوضي جي ادائيگي ڪري، ??در ان معاملي جي اداره جاتي انڪوائري جو حڪم ڏيندي ان ۾ دير جي سببن تي مشتمل رپورٽ وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ کي 30 ڏينهن ۾ جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي، لطيف آباد، حيدرآ??اد جي رهواسي محمد عمر صديق جي گهرواري ۽ ٻارڙي 11 ڪي وي هاءِ ٽينشن لائن ٽٽڻ سبب 8 سيپٽمبر 2012ع تي ڪرنٽ ل??ڻ سبب پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا هئا.