ملتان – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي س??اج?? تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته عوام جو تحفظ ۽ غربت جو خاتمو موجوده حڪ??مت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ اربين روپين جي ماليت جو احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام مستحق ماڻهن کي مالي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ ??رو?? ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علي ڳڙ??ه اسڪول ملتان ۾ قائم احساس ايمرجنسي ڪيش پوائنٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو، ثانيه نشتر ٻڌايو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جو پهريون مرحلو 15 سيپٽمبر تي مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته اهي ماڻهو جيڪي ان پروگرام ۾ رجسٽرڊ ٿيڻ جي باجود بائيوميٽرڪ تصديق نه ٿيڻ سبب امداد جي رقم وصول نه ڪري سگهيا انهن کي لاڳاپ??ل بئنڪ برانچن کان 30 سيپٽمبر تائين رابطو ڪرڻ گهرجي ته جئين اهي پنهنجي رقم حاصل ڪري سگهن، هن ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو رجسٽريشن ڪرائڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري چڪو آهي ته ان جي وارثن کي ان جي فوتگي جو سرٽيفڪيٽ لاڳاپيل يونين ڪائونسل مان حاصل ڪري نادرا وٽ رجسٽر ڪرائڻ گهرجي ۽ پوءِ اها رجسٽريشن احساس پروگرام جي آفيس کي 30 سيپٽمبر تائين موڪلي وڃي.