اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس ۽ ان سان لاڳاپيل اجلاسن ۾ پاڪستان جي فعال ۽ نمايان شرڪت گڏيل قومن جي مقصدن ۽ اصولن جي حمايت ۽ عزم جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ چو??ري پنهنجي هڪ بيان ?? چيو ته پاڪستان ٻين ميمبر ملڪن سان گڏجي هڪ اهڙ?? دنيا جي تعمير جي لاءِ سرگرم عمل آهي جتي تڪرارن ک?? ڪالعدم قرار ڏنو ويو هجي ۽ امن ۽ سلامتي جي حالتن ۾ سڀني جي لاءِ برابر خوشحالي حاصل ڪرڻ جاري رهي.