اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين يوريا ڀا?? جي دستيابيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪندي گيس ڪمپنين کي هدايت ڪئي ته هو ڀا?? جي يونٽس کي پيداوار لاءِ گيس جي فراهمي يقيني بڻائين. فنانس ڊويزن ۾ ڀاڻ بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي شوڪت ترين سمورين لاڳاپيل ڌُرين کي سيلز ٽيڪس ري فنڊ ۽ گيس انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (جي آءِ ڊي سي) جي ادائيگين بابت اتفاق راءِ پيدا ڪر?? جي پڻ هدايت ڪئي. ان کان اڳ صنعتن ۽ پيداوار واري سيڪريٽري اجلاس کي ملڪ ۾ ڀا?? جي طلب ۽ رسد جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. سيڪريٽري چيو ته سوئي ??ار??رن گيس پائيپ لائن لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) جي بنياد تي يوريا پلانٽس کي گيس جي فراهمي جنوري 2022ع تائين 3 لک ميٽرڪ ٽن اضافي پيداوار کي يقيني بڻائيندي. حڪ??مت پاڪ عرب فرٽيلائيزر لميٽيڊ ۽ فوجي فرٽيلائيزر بن قاسم لميٽيڊ (ايف ايف بي ايل) سميت سمورن ڀاڻ يونٽن کي وڌ کان وڌ گيس جي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته هڪ لک ميٽرڪ ٽن يوريا جي ايڪسپورٽ لاءِ ٽينڊر پڻ ڏنا ويا آهن. اجلاس ۾ ??يش??ل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير سيد فخر امام، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، پيٽروليم ۽ صنعتن واري ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ناڻي جي وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.