اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سمورن شهيدن کي انهن جي لازوال قربانين تي ??بردست خراج عقيدت ۽ انهن جي گهرڀاتين کي انهن جي عزم ۽ استقامت تي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو آهي. والاريل ڪشمير تي ڀارتي ??ي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پن??نج?? پيغام ۾ هن چيو ته اڄ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ??نهن جي مرضي جي خلاف غيرقانوني قبضي کي 75 سال مڪمل ٿيا آهن. 75 سال اڳ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت پن??نج?? فوج برد??تي والاريل ڪشمير ۾ لاٿي ۽ ان وقت کان ڀارت علائقي تي ??برد??تي ۽ غيرقانوني قبضو جاري رکيو آهي. هن چيو ته 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار زبردست مشڪلاتن جي خلاف اميد جي جنگ، خوف جي خلاف همت ۽ ظلم جي خلاف قرباني جي جنگ رهيو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي ??بديلين جي لاءِ ڀارت جي ڪڌ مهم 5 آگسٽ 2019ع کان تيزي سان جاري آهي جڏهن ڀارت پن??نج?? ئي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي رد ڪري ڇڏيو جنهن والاريل ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني هئي. پرڏيهي و??ير چيو ته ڀارت گذريل 3 سالن دوران جابراڻا قدم کنيا جن جي ذريعي ڪشمير جي مسلمان اڪثريتي ??لائقن ۾ هندو اڪثريتي چونڊ تڪ ٺاهيا، غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا، زمين ۽ ملڪيت بابت نوان قانون ۽ ٻيا توسيع پسنداڻا ۽ جابراڻا قدم شامل آهن. هن چيو ته چونڊ فهرستن ۾ غيرڪشميري رهواسين کي شامل ڪيو پيو وڃي، اهي غيرجمهوري ۽ غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌوسنئون خلاف ورزي آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشميرين جي سڃاڻپ کي تبديل ڪرڻ جو ڀارت جو ڪڌو قدم بدنيتي ??ي ٻڌل مهم کانسواءِ ڪجهه نه آهي. هن چيو ته 9 لک ڀارتي فوج جي موجودگي سان والاريل ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڌيڪ فوجي رکندڙ علائقن مان هڪ بڻجي ويو آهي. پرڏيهي و??ير چيو ته ڪشميرين جا 3 نسل دنيا ۽ گڏيل قومن جي واعدن جو انتظار ڪندا رهيا ته اهي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پن??نج?? ڪردار ادا ڪندا، پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿ?? ته اها ڀارت کي جوابده بڻائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي، ڀارتي ??ڪومت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي.