اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي پهرين عورت جبل چاڙه?? نائله ڪياني کي نيپال ۾ 8091 ميٽر ڊگهي انپورانا 1 جبل جي چوٽي سر ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته دنيا ??ي 10 هين ڊگهي ترين جبل جي چوٽي تي پهچڻ جو ان جو ڪارنامو ان حقيقت کي اجاگر ڪري ٿو ته اسان جون عورتون زندگي ۾ ڪنهن به سنگ ميل کي عبور ڪرڻ جي صلاح??ت رکن ٿيون.