اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا اسان جي گڏيل عزم ۽ گڏيل تقدير جي ڏس ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پنهنجي ڀاءُ صدر ط??ب اردوان جي دعوت تي ان جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪيه جي لاءِ روانو ٿي رهي?? آهيان، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ک??س ان جي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندس. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا اسان جي گڏيل عزم ۽ گڏيل تقدير جي ڏس ۾ وڌيڪ گهرا ٿيندا. اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽج?? ڪوآپريشن ڪائونسل جو ايندڙ ستون اجلاس اسان جي اسٽريٽجڪ حصيداري کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ صحيح رخ جو تعين ڪندو. هن چيو ته اسان ک?? اڃا پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ?? آهي ۽ ان رخ ۾ ڪوششون جاري آهن.