پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف جي ايس پي پلس جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ان ڏس ۾ مضبوط سياسي عزم موجود آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف ??ور??ي ڪميشن جي سربراهه ارسولا وان ڊيرلي??ن سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم هلندڙ سال 9 جنوري ي جنيوا ۾ منعقد ”ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس“ ۾ شرڪت تي ??ور??ي ڪميشن جي سربراهه جا ٿورا مڃيا. هن ??ور??ي ادارن سان گڏجي ٻوڏ م??اثر علائقن جي بحالي ۽ نئ??ن سر تعمير جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ ??ور??ي يونين جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي رابطن جي آجيان ڪندي ??ور??ي ڪميشن جي سربراهه کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. جي ايس پي پلس جي اهميت جو حوالو ڏيندي وزيراعظم ان جي ٽريڪ تي هجڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ان ڏس ۾ مضبوط سياسي عزم موجود آهي. ??ور??ي ڪميشن جي صدر 2022ع جي ٻوڏ کان بحالي جي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. هن جي ايس پي پلس سميت ??ور??ي يونين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جاري تعاون ??ي سطح کي ساراهيو.