اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزي?? چيو آهي ته پارليامينٽ جي اڄ ٿيندڙ گڏيل اجلاس ۾ سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي ويندي، پارليامينٽ جي فورم تان دنيا کي ا??لام ۽ ٻين مذهبن جي ا??ترام جو پيغام ڏنو ويندو، وزيراعظم شهباز شريف به پارليامينٽ کي خطاب ڪندو، قومي ا??ساسن جي ترجماني ڪ??دي اهڙن افسوسناڪ واقعن کي روڪڻ جي لاءِ قدمن جو ذڪر ڪندو. جڏهن ته سڀاڻي جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ قرآن تقدس ڏهاڙو ملهايو ويندو. سوئيڊن واقعي تي ملڪ گير احتجاج ۽ ريليون نڪرنديون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم سمورين پارٽي?? ۽ ??وم کي ا??تجاج ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي آهي. وفاقي وزير چيو ته ”آئون مذمت ڪريان ٿو“ مهم به شروع ڪئي وئي آهي، قوم خاص طور تي نوجوان ان ۾ ڀرپور حصو وٺ?? ۽ ??رآن تقدس ڏهاڙي کي هڪ تحريڪ ۾ بدلائين.