اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز ??ري?? حوالدار لالڪ جان شهيد (نشان حيدر) کي سندس 24 هين شهادت جي ??هاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته لالڪ جان شهيد ڪارگل جي جنگ ۾ پنهنجي بي مثال جرئت ۽ بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز ??ري?? چيو ته لالڪ جان شهيد ڪارگل جنگ ۾ بي مثال جرئت ۽ بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪيو. نا??درن لائٽ انفرنٽري جي ان جانباز مجاهد انتهائي مشڪل حالتن ۾ ملڪ جو دفاع ڪندي شهادت ماڻي. هن چيو ته قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. شهيد ۽ غازي اسان جو تاج آهن ۽ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي جو فولادي ديوار آهن. وزيراعظم شهيد جي درجن ج?? بلندي ۽ ان جي ??هرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.