اسلام آباد -08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ سوئيز ڪمپنين کي پ??ڪس??ان ۾ خاص طور تي تجديد جوڳي توانائي ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي، ته پ??ڪس??ان سوئيٽزرلينڊ سان پنهنجن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو، جيڪي جمهوريت جي بنيادي اصولن ۽ قانون جي حڪمراني تي گڏيل يقين جي بنياد تي ٻڌل آهن. وزيراعظم اهڙو اظهار نٿيا گلي ۾ سوئيز ڪنفيڊريشن جي پرڏيهي وزير ۽ وفاقي قونصلر اگنازيوڪاسس سان ملاقات دوران ڪيو، جيڪو وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي 7 کان 9 جولاءِ تائين 3 پارليامينٽ ميمبرن سان گڏ پ??ڪس??ان جو به طرفو دورو ڪري رهيو ??هي. وزيراعظم پ??ڪس??ان جي پهرين دوري تي پرڏيهي وزير اگنازيوڪاسس ۽ ان سان گڏ آيل وفد جي آجيان ڪئي. وزيراعظم هن ڳالهه جو عزم ڪيو ته پ??ڪس??ان سوئيٽزرلينڊ سان پنهنجن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو جيڪي جمهوريت جي بنيادي اصولن ۽ قانون جي حڪمراني تي گڏيل يقين تي ٻڌل آهن. ڌرين ٻه طرفن لاڳاپن خاص طور تي ماحولياتي ۽ مو??مياتي تبديلين، واپار، سيڙپڪاري، ترقياتي تعاون، اعليٰ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي شعبي ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گذريل سال آيل تباهه ڪندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پ??ڪس??ان کي امداد فراهم ڪرڻ تي سوئيز حڪومت جو ٿورو مڃيو. وزيراعظم سوئيٽزرلينڊ جي ڪاروباري ادارن جي معاملن ۽ مسئلن جي حل ۽ ڪم جي اخلاقيات جي طريقيڪار کي به ساراهيو ۽ وڌيڪ سوئيز ڪمپنين کي پ??ڪس??ان ۾ خاص طور تي تجديد جوڳي توانائي۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي ڌرين، ٻنهي حڪومتن ۽ ٻنهي ملڪن جي واپارين سيڙپڪارن جي چئنلن کي استعمال ڪندي ماحولياتي سياحت ۽ لاڳاپيل بنيادي ڍانچي جي ترقي سميت مجموعي سياحت کي هٿي ڏيڻ ۾ گڏيل تعاون تي پڻ اتفاق ڪيو ۽ فيصلو ڪيو ته تعاون جي طريقيڪار کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ لاءِ جلد ئي هڪ اجلاس طلب ڪيو ويندو. وزيراعظم سوئيٽزرلينڊ ۽ پ??ڪس??ان وچ ۾ رابطن کي منهن ڏيڻ جي انتظام جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب جو پڻ مشاهدو ڪيو. مفاهمت جي يادداشت قدرتي آفتن جي خطري کي گهٽ ڪرڻ خاص طور تي آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري، رد عمل ۽ بحالي جي سلسلي ۾ ٻنهي طرفان تعاون جو احاطو ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد ماڻهن ۽ معيشت تي پوندڙ ناڪاري اثرن کي گهٽ ڪرڻ آهي، مو??مياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان ان موقعي تي پ??ڪس??ان ۾ مو??مياتي خطرن ۽ مسئلن جي باري ۾ تفصيلي پرزنٽيشن ڏني ۽ ٻڌايو ته انهن خطرن ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي جا خرچ تمام گهڻا آهن پر پ??ڪس??ان پنهنجي گنجائش مطابق قدم کڻي رهيو ??هي. وفاقي وزير ليونگ انڊس انيشيٽو ۽ ڊيلٽا بليوڪاربن پروجيڪٽ سميت پ??ڪس??ان جي پرچم بردار پروگرام جي باري ۾ وفد کي آگاهه ڪيو جنهن تحت 3 ل?? 50 هزار هيڪٽر ايراضي تي آبگاهن ۾ مينگورز جي ٻيلن جي افزائش ٿيندي. وفاقي وزير ٻڌايو ته هن قدم سان نه رڳو 147 ملين ميٽرڪ ٽن ڪاربان جي گهٽتائي ٿيندي بلڪه 250 ملين ڊالر امدني پڻ ٿيندي. ڌرين ڊزاسٽر مينجمينٽ، اڳواٽ اطلاع ۽ ڪاربن مارڪيٽ ۾ تعاون تي به اتفاق ڪيو. پ??ڪس??ان ۽ سوئيٽزرلينڊ عالمي فورمن تي خوشگوار لاڳاپا رکن ٿا جنهن جو گڏيل مقصد عالمي امن ۽ خوشحالي ۾ حصو ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو ??هي. گذريل 17 سالن ۾ سوئيٽزرلينڊ جي ڪنهن پرڏيهي وزير پاران پ??ڪس??ان جو هي پهريون ٻه طرفو دورو ??هي. سوئز ڪنفيڊريشن جي پرڏيهي وزير ۽ وفاقي قائونصلر اگنازيوڪاسس جي دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملي ??هي.