اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته غذائي ??حفظ ۽ زراعت بابت قومي سيمينار ڪا معمولي تقريب نه هئي، زرعي شعبو اسان جي اقتصادي ترقي جو سڀ کان وڏو محرڪ بڻجي چڪو آهي، نار ملڪن مان زرعي شعبي ۾ ايندڙ چئن کان پنجن سالن ۾ 40 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري سان گڏوگڏ 40 لک نيون ملازمتون پيدا ٿينديون، قرضن مان ڇوٽڪارو حا??ل ڪري مضبوط معيشت جي ترقي ۽ تعمير ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته زراعت ۽ فوڊ سيڪيورٽي واري قومي سيمينار ۾ مون ٻيو سبز انقلاب جي بنياد جي طور تي زراعت جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي، اسان سڀ وڏيون وڏيون دعوائون ۽ پرڪشش ويزن بابت ٻڌو آهي پر بنا محنت، همت جي بي فائدو رهيا آهن. هن چيو ته نار ملڪ ساليانو 40 ارب ڊالر جي غذائي ??ين ۽ زرعي مصنوعات درآمد ڪن ٿا، حڪومت جو عز?? اسپيشل ا??وي??ٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (اين ايس آءِ ايف سي) تحت نار ملڪن مان پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري آڻڻ آهي جنهن جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ايندڙ چئن کان پنجن سالن ۾ 40 لک نيون نوڪريون پيدا ڪرڻ کانسواءِ اٽڪل 40 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي. هن چيو ته ٻيو وڏو انقلاب پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي لاءِ زرعي شعبو کي وڏو محرڪ بڻائڻ جو سبب بڻجندو جنهن سان غذائي ??حفظ ايندو ۽ اسان جي قومي سلامتي کي سگهه ملندي. هن چيو ته زراعت ۽ غذائي ??حفظ بابت قومي سيمينار ڪا معمولي تقريب نه هئي پر سڀني ڌرين پاران ملڪي اقتصادي بحالي جي لاءِ ڊگهي مدي طرف ڌيان طلب قومي ڪوشش جي شروعات آهي. هن چيو ته اسان اندروني وسيلن تي دارومدار ڪرڻ ۽ قرضن مان ڇوٽڪارو حا??ل ڪري مضبوط معيشت جي تعمير جا خواهشمند آهيون ۽ اسان سڀ گڏجي پنهنجو اهو مقصد حا??ل ڪنداسين.