اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فرا??س جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستاني عوام ۽ پنهنجي پاران فرا??س جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فرانسيسي جمهوريه جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي نالي پنهنجي ??ط ۾ چيو ته پاڪستان ۽ فرا??س جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، گڏيل موقف ۽ ڊگهي فورمز تي ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. هن چيو ته فيبروري ۾ صحيحون ڪيل ٻطرفي تعاون جي روڊ ميپ سان واپار، عوامي رابطن، تعليم، موسمياتي تبديل?? ۽ ??وانائي جهڙن شعبن ۾ ڊگهي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صدر يقين ظاهر ڪيو ته صدر ميڪرون جي متحرڪ قيادت ۾اسان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل فائدي جي لاءِ اعليٰ سطحي تي کڻي وينداسين. ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ??ط ۾ فرا??س جي صدر لاءِ سٺي صحت، فرا??س جي عوام جي مسلسل ترق?? ۽ ??وشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.