اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي عظيم ۽ ??وج??انن کي ب??اخ??يار بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ليپ ٽاپ ۽ قرض اسڪيم سان هوشيار غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون فائدو کڻندا، يوٿ پروگرام جي ذريعي هيستائين 30 ارب رپيا ورهايا ويا آهن، پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا آهن، ٻيهر چونڊجي آيس ته ??وج??انن جي لاءِ رکيل رقم وڌيڪ وڌائيندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيجيٽل يوٿ هب پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام کي سڄي ملڪ ۾ تيز رفتاري سان ڦهلايو پيو وڃي، مون پشاور، ڪراچي، لاهور، گوادر جا دورا ڪيا آهن، سڄي ملڪ ۾ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميرٽ تي ليپ ٽاپ ڏنا پيا وڃن، يوٿ پروگرام سان ڪاروبار، زراعت ۽ ايس ايم ايز جي لاءِ قرضن جي مد ۾ هيستائين 30 ارب رپيا بئنڪن ذريعي ورهايا ويا آهن. يوٿ اسپورٽس پروگرام جي لاءِ بجيٽ ۾ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. آءِ ٽي پروگرام فري لانسز، فني تربيت ۽ ٻين شعبن جي لاءِ مجموعي طور تي بجيٽ ۾ 80 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ??وج??انن کي ڪاروبار جي لاءِ قرضن جي مد ۾ 5 ارب رپين جي رقم رکي آهي. وظيفن جي لاءِ به 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته 2008ع ۾ پنجاب ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ اسان قائم ڪيو هو ۽ 10 سالن ۾ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 22 ارب رپين جا وظيفا ورهايا، جنهن سان 4 لک کان وڌيڪ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين فائدو کنيو. هاڻي وفاق جي سطح تي پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا آهن ۽ اها رقم هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ورهائي ويندي. وزيراعظم چيو ته منهنجو وس هلي ??ه 5 ارب رپين جي اها رقم وڌائي 500 ارب رپيا ڪري ڇڏيان، ??وج??ان ان پورٽل ذريعي پنهنجو پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي سگهن ٿا، ليپ ٽاپ اسڪيم سرڪاري تعليمي ادارن جي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ آهي، پرائيويٽ تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ نه آهي، ڇو ته اهي وڏي فيس ادا ڪري سگهن ٿا ته ليپ ٽاپ به خريد ڪري سگهن ٿا. ليپ ٽاپ ۽ قرض اسڪيم سان غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون فائدو کڻندا. هن چيو ته هاڻي ٻيهر چونڊجي آياسين ته ??وج??انن جي لاءِ رکيل رقم ۾ اضافو ڪنداسين، ??وج??انن کي ب??اخ??يار بڻائڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا، اسان گڏجي ملڪ کي عظيم بڻائينداسين، ??وج??انن مان به اميد آهي ته اهي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي ??وج??انن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه چيو ته عورتن کي ب??اخ??يار بڻائڻ جي لاءِ اربين رپيا فراهم ڪيا ويا آهن، تاريخ ۾ ??وج??انن جي لاءِ پهريون ڀيرو يوٿ اسپورٽس فيسٽيول منعقد ڪيا ويا، ليپ ٽاپ اسڪيم تحت هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا ويا آهن، ??وج??انن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ به 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته ??وج??انن جي لاءِ حڪومتي قدمن بابت پورٽل جاري ڪرڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان سان ??وج??انن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. سينيٽر عبدالقيوم چيو ته سي پيڪ نواز شريف ۽ چين ??ي صدر شي جن پنگ جو گڏيل ويزن هو، ??وج??ان اسان جي ملڪ جو سرمايو آهن، مسلم ليگ (ن) ملڪ مان دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو، ??وج??انن کي هنرمند بڻائڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي.