نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ان??ارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين ??جل??س جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ان??رنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي معيشت کي سهارو ڏيڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف پاران 3 بلين آمريڪي ڊالر جي اسٽينڊ بائي ايگريمنٽ (ايس بي اي) جي منظوري تي ٿورا مڃيا. هن ايم ڊي آءِ ايم ايف کي پاڪستان حڪومت پاران ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ بحالي جي لاءِ کنيل مختلف قدمن کان آگاه?? ڪيو. نگران وزيراعظم تصديق ڪئي ته ان??ن قدمن جو مقصد پائيدار اقتصادي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ مستحڪم ۽ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي. وڌيڪ اهو ته معاشري جي ڪمزور طبقن جي حفاظت تي ڀرپور ڌيان ڏنو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي منئيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا معيشت جي بحالي جي لاءِ پاليسين ۽ سڌارا لاڳو ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ٺوس ڪ??ششن کي ساراهيو. هن يقين ڏياريو ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان لاڳاپن کي جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.