اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ايف سڪس ٽو ۾ آءِ سي جي انتظام هيٺ اسٽوڊنٽ پروجيڪٽ ايگزيبيشن بيانڊ دي ڪلاس روم جو دورو ڪيو. مدد علي سنڌي چ??و ته آئون پرنسپل ۽ استادن کي مبارڪون ڏيان ٿو، مون کي انتهائي خوشي آهي ته اسان جي شاگردن جي پريڪٽيڪل ناليج تي به زور ڏنو پيو وڃي. وفاقي وزير حصو وٺندڙ شاگردن لاءِ پنج، پنج هزار روپين جي انعام ج?? اعلان ڪيو. وفاقي وزير چ??و ته اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته هر قسم جو دنياوي علم حاصل ڪريون، دنياوي علم هاڻي ڪلاس روم کان گهڻو اڳتي هليو ويو آهي ۽ اسان کي به هاڻي دنيا جي ڪامياب ترين قومن سان گڏجي هلڻ گهرجي. هن چ??و ته شاگرد اسان جي قوم جو مس??قبل آهن کين هر قسم جون سهولتون ڏيڻ گهرجن. هن چ??و ته استاد شاگردن جي پرورش ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آه??، اسان کي ان ذميواري جو حق هر لحاظ کان پورو ڪرڻ گهرجي. هن چ??و ته اڄ انهن شاگردن جي صلاحيت ڏسي مون کي يقين ٿي ويو آهي ته اسان جو مس??قبل مضبوط هٿن ۾ آهي. وفاقي وزير چ??و ته جيڪڏهن اسان جي سمورن اسڪولن ۽ ڪاليجن جو اهڙو معيار هجي ته ڪنهن کي به پرائيويٽ اسڪولن ۾ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.