بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ??ي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري ??هولت ڪائونسل ??و قيام عمل ۾ آندو ويو آهي ۽ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي دوري ??وران من ميٽلز جي چيئرمين وينگ زو ليانگ ۽ ميٽالرجيڪل ڪوآپريشن آف چائنا جي چيئرمين چن جيانوانگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ??ي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي ڪمپنين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري ??لچسپي جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي ح??ومت جي ڪاروبار دوست پاليسين بابت آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم شريڪ ٿيندڙن کي خصوصي سيڙپڪاري ??هولت ڪائونسل ??ابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته حڪومت ”هول آف ??ي گورنمينٽ اپروچ“ جي تحت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ??ي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.