اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل وزارتن کي ربيع جي فصل لاءِ ڀاڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم جي صدارت ۾ ربيع جي فصل لاءِ يوريا جي فراهمي تي جائزه اجلاس ٿيو. ربيع جي فصل لاءِ آبادگارن کي وقت سر ۽ بنا رڪاوٽ ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته ڀاڻ جي وڏي اسٽاڪ جو به مناسب ۽ وقت سر بندوبست ڪيو وڃي. ضلعي انتظاميا ڀاڻ جي قيمتن تي گهري نظر رکي. اجلاس کي ملڪ ۾ ڀاڻ جي تازي پيداوار ۽ گه??بل متوقع گهرج بابت ٻڌايو ويو. اجلاس کي ڀاڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگ??ان وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن کي ربيع جي فصل لاءِ ڀاڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ڀاڻ جي پيداوار جي خ??م مال جي قيمتن، ڀاڻ جي موجوده قيمت، ڀاڻ فيڪٽرين کي گئس جي فراهمي ۽ طلب بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ نگ??ان وفاقي وزير گوهر اعجاز، ڪوثر عبدالله ملڪ، محمد علي، نگ??ان وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.