مظفر آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) 6 نومبر ڄمون جي ??هيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي شهداءِ وطن ميڊيا سيل جي ??هتمام هيٺ خصوصي تقريب منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ رياست جي ناليواريون شخصيتون ڄمون جي ناقابل فراموش قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪنديون. شهداءِ وطن ميڊيا سيل اي ڪ?? زون جي ??ربراهه آغا سفير حسين ڪاظمي چيو آهي ته 1947ع ۾ ڊوگره حڪمران هري سنگهه جي فوج ۽ هٿياربند دستن جي ب?? لغام هجوم ۽ پيرا ملٽري فوجي ??ستن ڄمون ۽ ڪشمير جي ??لائقي ۾ چار لک جي لڳ ڀڳ ڪشميري مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو، واديءَ ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمان هر سال 6 نومبر تي ڄمون جي ??هيدن جي ڏهاڙي طور ملهائيندا آهن، گذريل سالن وانگر هن سال به شهداءِ ڄمون جي قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ 6 نومبر تي ٽپهر 3 ??ڳي شهداءِ وطن ميڊيا سيل شاهه سلطان آفيس ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي ويندي، تقريب ۾ ناليوارا اڳواڻ ۽ دانشور شهداءِ ڄمون کي خراج عقيدت پيش ڪندا. تقريب ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي جي ڀرپور شرڪت جي ??ميد آهي.