اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي ??اءِ ماحول سازگار قرار ڏيندي چيو آهي ته دوست ملڪن سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي اربين ڊالر جي ??فاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن، ??نهن سياسي پارٽي تي سياسي سرگرمين ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي نه آهي، اربين رپين جي بجلي چوري سان ملڪي معيشت کي نق??ان پهتو آهي، آءِ ايم ايف سان قسط جو معاملو جلد حل ٿي ويندو. نجي ??ي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ کي يقينن دهشتگردي جا خطرا آهن، حڪومت دهشتگردي جي ان چئلينج کي منهن ڏيندي، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن، ??جهه سياسي پارٽين جو ملڪ ۾ دهشتگردي جي ??اقعن جي حوالي سان موقف صحيح آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو معاملو آيو ته لاڳاپيل ادارن جي راءِ کانپوءِ فيصلو ڪن??اسين. هن چيو ته ??نظ?? غيررياستي گروپ سرگرم آهن، پوليس کي تربيت ۽ وسيلن جهڙا مسئلا درپيش آهن، پوليس خاص طور تي خيبرپختونخواهه پوليس دهشتگردي جي خلاف ڀرپور حصو ورتو آهي. پاڪ فوج جي ??دد سان ان خطري کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ تيار آهيون، ??ونڊن ۾ سيڪيورٽي صورتحال جي ڏس ۾ پوليس يا فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪن??اسين، نگران حڪومت اچڻ کان اڳ سمورن سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ٿينديون رهيون، پنهنجي سياسي مستقبل جو فيصلو پنهنجي ??ن عهدي کان جدا ٿيڻ کانپوءِ ڪن??س. هن چيو ته قانون لاڳو ڪن??ڙ ادارا قانون موجب گرفتاريون ڪن ٿا ۽ پوءِ قانون موجب ڪارروائي ٿئي ٿي، پي ٽي آئي جا جيڪي ماڻهو 9 مئي جي ??اقعن ۾ ملوث نه آهن انهن تي سياسي سرگرمين ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي نه آهي، ڪوشش ڪن??اسين ته ڪنهن سان ناانصافي نه ٿئي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت روزاني جا ضروري معاملا اڪلائي رهي آهي، نيڪ نيتي سان ڪم ڪريو ته مزاحمت کي منهن نٿو ڏيڻو پوي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ملڪ کي ٽيڪس اوڳاڙين سميت گورننس جا چئلينجز درپيش آهن، ماڻهن کي صحت، تعليم ۽ روزگار جي ??وقعن سان گڏوگڏ اندروني ۽ ٻاهرئين سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، ٽيڪس گڏ ڪرڻ ايف بي آر جي ذميواري آهي، ايف بي آر ۾ سڌارن تي غور جاري آهي، بجلي چوري ۾ 900 ارب رپين کان وڌيڪ ضايع ٿين ٿا، ان سان ملڪي معيشت کي نق??ان پهتو آهي. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي جي ذريعي سيڙپڪاري ۾ ايندڙ مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ جي ??اءِ قدم کنيا پيا وڃن، ملڪ جي ??سئلن جي حل لاءِ پارليامينٽ کي فيصلو ڪرڻو هوندو آهي، ايس آءِ ايف سي ملڪ جي ??ارليامينٽ جو فيصلو آهي، دوست ملڪن سان اربين ڊالر سيڙپڪاري جي ??فاهمت جي ??اداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، اميد آهي وڌيڪ ملڪن سان سيڙپڪاري معاهدا به ٿيندا، ملڪ ۾ سيڙپڪاري هڪ طريقيڪار تحت آندي وڃي ٿي، ان سيڙپڪاري کي ملڪ ۾ آڻڻ جي ??اءِ قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ??اءِ ماحول سازگار آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان قسط جو معاملو جلد حل ٿي ويندو، 18 هين ترميم ۾ صوبن کي بااختيار بڻايو ويو آهي، پارليامينٽ جيڪڏهن سمجهي ٿي ته ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ??ي. هن چيو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي سان سلوڪ افسوسناڪ آهي، ان سان اهو سلوڪ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي آهي، اميد آهي ته ان معاملي تي جلد مثبت اڳڀرائي ٿيندي. هن چيو ته غيرملڪي رهندڙن کي انهن جي ??لڪ واپس موڪلڻ جو معاملو پاڪستان جو اندروني معاملو آهي جنهن جو ٻيا ملڪ به اعتراف ڪن ٿا، پاڪستان 5 ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ??يزباني ڪئي، رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي واپس موڪلڻ اسان جي ??اليسي نه آهي، قانوني طريقيڪار تحت سڀ پاڪستان اچي سگهن ٿا.