اسلام آباد-28 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاق?? وزير مدد علي سنڌي پنجاب ۾ قائداعظم يونيورسٽي جي سب ڪيمپس جي تعمير ۾ غير معمولي دير جو سخت نوٽيس وٺندي 4 جنوري تائين انڪوائري رپورٽ پيش ڪرڻ جي ??دايت ڪري ڇڏي. وفاق?? وزير ايڇ اي سي جي ايڊوائيزر پلاننگ ?? قائداعظم يونيورسٽي جي ??ي اينڊ ڊي جي ڊائريڪٽر سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته اهڙي طرح جي دير اسان جي ??وجوانن جي تعليمي سفر ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. هن ايڇ اي سي ?? قائداعظم يونيورسٽي کي حڪم ڏنو ته هو ان بات سمورن التوا ۾ پيل مسئلن کي فوري طور تي حل ڪن ۽ ڪيمپس جي جلد تعمير کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنجاب حڪومت سان وڌيڪ تعاون ڪن. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته لاڳاپيل کاتن کي ناڪاره ۽ غير موثر انتظام لاءِ جوابده بڻايو وڃي. مدد علي سنڌي قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جو اوچتو د??رو ڪيو، هن هاسٽلز جو د??رو ڪيو ۽ چيو ته هاسٽلز جي ??وجوده حالت رحم جوڳي آهي، هن سهولتن جي ??اقص سارسنڀال تي روشني وڌي، شاگردن ساڻس ملاقات ڪئي ۽ ناڪافي تعليمي سهولتن جهڙوڪ انٽرنيٽ جي دستيابي بابت پنهنجي درخواست تي روشني وڌي. نگران وفاق?? وزير صورتحال جو نوٽيس وٺندي فوري طور تي هاسٽلز جي بحالي جو حڪم ڏنو، هن چيو ته شاگرد ان وقت تائين تعليم نٿا حاصل ڪري سگهن جيستائين کين بنيادي سهولتون ميسر نه هجن. هن چيو ته جيڪڏهن شاگردن کي اهڙي طرح جي ??سئلن کي منهن ڏيڻو پوي ته انهن لاءِ پنهنجي ??ڙهائي ت?? ڌيان ڏيڻ ناقابل تصور آهي. هن شاگردن کي خاطري ڪرائي ته هو هاسٽلز جي حالت کي فوري طور تي بهتر ڪرڻ جو حڪم ڏيندو، هن چيو ته اهڙن مسئلن کي جنگي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي انهن مسئلن جي ??وري حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.