اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي ملڪ جي اسڪولن ۾ خصوصي ٻارن جي لاءِ جامع تعليم جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته جسماني صلاحيت، سماجي ۽ اقتصادي پس منظر کان هٽي ڪري سمورن ٻارن کي هڪ جهڙا تعليمي موقعا ڏيڻا پوندا، نجي اسڪول، فلاحي تنظيمون معذور ٻارن سميت سڀني جي لاءِ تعليم تائين پهچ وڌائڻ ۾ حڪومتن جو ساٿ ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ڪراچي جي نجي اسڪولن ۽ اين جي اوز جي انتظام هيٺ اسڪولن جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڪيو. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي، سنڌ جي تعليم واري نگران وزير مسز رانا حسين، سيڪريٽري ڊپارٽمينٽ آف امپاورمينٽ آف پرسنز ود ڊس ايبلٽيز، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۽ ڪراچي ۾ اسڪولن جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر اسڪولن جي لاءِ ٺوس نصاب جي تياري ۽ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??ه جامع نصاب ۾ تدريسي طريقن ۽ معذور شاگردن جي ضرورتن کي نظ?? ۾ ??کڻ گهرجي. هن چيو ??ه تعليمي ادارن کي ريمپ، لفٽ ۽ ٻين ضروري سهولتن جي دستيابي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن جامع تعليم تي هڪ ب??يا??ي چارٽ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??ه ان ۾ جامع تعليم جي سمورن ب??يا??ي رخن کي شامل ڪرڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نجي شعبي ۽ اين جي اوز جي مدد سان پا??ستان ۾ جامع تعليم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ تي پڻ زور ڏيندي چيو ??ه سنڌ اسڪول ايجوڪيشن ۽ خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ جا ادارا نجي اسڪولن ۽ اين جي اوز سان رابطو رکن، نجي اسڪول جامع تعليم تي پنهنجي ويزن ۽ بهترين تجربن کي سنڌ حڪومت سان شيئر ڪن. صدر چيو ??ه جامع تعليم تي ب??يا??ي چارٽ جي تياري جي لاءِ نجي اسڪولن کي خصوصي ماڻهن تي موجوده قانوني فريم ورڪ کي نظ?? ۾ ??کڻ گهرجي، نجي اسڪول پهرين کان اٺين درجي تائين جامع تعليم تي نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي نصاب جو جائزو وٺن. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سڄي ملڪ ۾ اسڪولن جي حالت بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن پا??ستان ۾ جامع تعليم جي پيغام کي اڳتي وڌائڻ تي صدر ۽ خاتون اول کي ساراهيو. ان کان اڳ صدر کي خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ جامع تعليم تي ب??يف??گ ڏني وئي.