اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي جذبي جي بنيا?? تي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو ا??هار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي جذبي جي بنيا?? تي ايران سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو ا??هار ڪيو. نگران پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي احترام جي ان تعاون کي سگهه ڏيڻ گ??رج??. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين رخن تي ورڪنگ ليول جي تعاون ۽ ويجهي ل??ڳاپن کي مضبوط ڪرڻ گ??رج??. هنن ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي سفيرن جي پنهنجي پنهنجي گادي وارن شهرن ۾ واپسي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.