حيدرآباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) ڄامشورو ۾ ملڪ جي پهرين نجي آرٽ ۽ ڪلچر يونيورسٽي ۾ پهريون ڊگري شو 2024ع منعقد ڪيو ويو ??هي?? اهو پنهنجي نوعيت جو پهريُون ڊگري ميلو ??هي?? جيڪو 28 ڏينهن جاري رهندو، ڊگري ميلي جو افتتاح ڪندي قومي ورثي ۽ ثقافت جي نگران وفاقي وزير سيد جمال شاھ چيو ته نجي شعبي ۾ هن قسم جي شاندار نموني واري آرٽ ۽ ڪلچر يونيورسٽي قائم ڪئي وئي ??هي?? جيڪو ??ڪ فرد جو وڏي همٿ وارو ۽ ساراهه جوڳو ڪم ??هي?? هڪ آرٽسٽ کي جيڪو ڪم ڪرڻ گهرجي ها اهو ڪر?? ڏيکاريو آهي. ڄامشورو ۾ قائم ملڪ جي پهرين نجي آرٽ ۽ ڪلچر يونيورسٽي ۾ شروع ٿيل پهرئين ڊگري شو 2024ع جو افتتاح قومي ورثي ۽ ثقافت جي نگران وفاقي وزير سيد جمال شاھ ۽ ڪلچر ۽ آرٽ يونيورسٽي جي چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتاح دائودپوٽو گڏجي ڪيو. ڊگري شو نمائش ۾ يونيورسٽي جي فائين آرٽ، ٽيڪسٽائيل آرٽ، ميڊيا ڪميونيڪيشن آرٽ، آرڪيٽيڪچر آرٽ ۽ ٻين شعبن جي آخري سال جي شا??رد?? ۽ شا??رد??اڻين جي ڊگري ٿيسز طور هٿ سان تيار ڪيل پروجيڪٽس کي نمائش لاءِ رکيو ويو آ??ي. ??ن موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي مهمان خاص سيد جمال شاھ چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي ٿي آهي ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ هن قسم جي شاندار نموني واري آرٽ ۽ ڪلچر يونيورسٽي قائم ڪئي وئي ??هي?? جيڪو ??ڪ فرد جو وڏي همٿ وارو ۽ ساراهه جوڳو ڪم آهي. ڪجهه عرصو اڳ هتي يقينن برپٽ ۽ خالي ميدان هو ۽ هاڻي جهنگ ۾ گُلزاري ٿي وئي آ??ي. ??رٽسٽ کي جيڪو ڪم ڪرڻ گهرجي ها اهو هن ڪر?? ڏيکاريو آهي ۽ پاڻ مڃرايو آ??ي. ??ميد آهي ته هي ادارو اڳتي هلي ترقي ڪندو ۽ آرٽ سان تعلق رکندڙ ماڻهن لاءِ اتساهه جو سبب بڻجندو ته جيئن ملڪ ۾ آرٽ ۽ ڪلچر جا ٻيا ادارا به قائم ٿي سگهن. جڏهن ته صحافين سان ڳالهائيندي قومي ورثي ۽ ثقافت جي نگران وفاقي وزير سيد جمال شاھ چيو ته آرٽ ملڪ ۽ قوم لاءِ انتهائي ضروري آهي جيستائين ملڪ ۽ قوم آرٽ کي اهميت نه ڏيندي ترقي ڪري نه سگهبي ۽ نه ئي اڳتي وڌي سگهبو ڇاڪاڻ ته آرٽ ۽ ڪلچر اهڙو ذريعو آهي جيڪو زندگيءَ جي روز مرہ جي هر رخ سياست، سماجيات، مذهب، سائنس سان پيار محبت ذريعي جڙي ٿو. اسان جي زمين ثقافتي طور تي گهڻي شاهوڪار آهي جيڪا پيار، محبت ۽ پاٻوهه سان پيش اچڻ جو سبق سيکاري ٿي. آرٽ زمين تي ڪنڊا نه پر گل پوکڻ جو درس ڏئي ٿو. جنهن جو مثال شاهه لطيف، سچل، بلي شاهه، خواجا فريد، رحمان بابا، شيخ اياز ۽ ٻيا آهن. هن چيو ته آرٽ اندر جي خوف کي ماري ٿو. جنهن سان انسان پنهنجي اندر جي اظهار کي آرٽ ذريعي نروار ڪري ٿو، پاڻ بزدلي ڇڏي بهادر ۽ اڻ موٽ بڻجي وڃي ٿو.
سيد جمال شاھ شا??رد?? ۽ شا??رد??اڻين جي ٿيسز پروجيڪٽس بابت ڳالهائيندي چيو ته شا??رد?? ۽ شا??رد??اڻين جو نمائش ۾ پيش ڪيل ڪم انتهائي سليقي وارو ??هي?? انفارم پروجيڪٽس اهن آرٽسٽ وڏا ذهين آهن جن جو هتان جي زمين سان، هتان جي رنگن، مسئلن ۽ ماڻهن سان گھرو تعلق جڙيل آ??ي. ??ن کان اڳ يونيورسٽي جي چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتاح دائودپوٽو آجياڻي خطاب ڪندي يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪارج تي روشني وڌي ۽ چيو ته يونيورسٽي جي هي پھرئين بيچ آهي جيڪا پاس آئوٽ ٿي رهي ??هي?? جنهن ۾ يونيورسٽي جي چئن شعبن فائين آرٽس، ٽيڪسٽائيل آرٽ، ميڊيا ڪميونيڪيشن آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر جي آخري سال جي شا??رد?? ۽ شا??رد??اڻين جو گڏيل پروجيڪٽس کي نمائش ۾ رکيو ويو آهي ۽ اها نمائش 28 ڏينهن جاري رهندي جنهن جي پڄاڻي واري تقريب 28 فيبروري 2024ع تي ٿيندي.
جڏهن ته ڊگري شو ۾ شا??رد?? ۽ شا??رد??اڻين پنهنجي پروجيڪٽس بابت آيل مهمانن کي ڄاڻ ڏني ۽ پنھنجا پروجيڪٽس پيش ڪندڙ شا??رد?? ۽ شا??رد??اڻين ميڊيا سان ڳالهائيندي پنهنجي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ يونيورسٽي جي گهاريل يادگار گھڙين کي ساريندي پنهنجي مستقبل جي حڪمت عملي بابت نيڪ خواهشن ۽ اميدن جو اظھار ڪيو. ڊگري شو جي افتتاحي تقريب ۾ يونيورسٽي جي سينيٽ، سينڊيڪيٽ ميمبرن ۽ فيڪلٽي ميمبرن، آفيسرن، ملازمن توڙي شا??رد?? ۽ شا??رد??اڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.