اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس ڪالهه سومر ڏينهن ڪانسٽي ٽيوشن ايو??يو ۾ ڪشمير يڪجهتي ??ها??ي جي موقعي تي هڪ واڪ منعقد ڪئي جنهن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ هو. پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي جي قيادت ۾ پرڏيهي آفيس جي عملدارن ??ش??ير??ن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ واڪ ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. واڪ جي شرڪت ڪندڙن ??يو ته پاڪستان پنهنجي ڪش??ير?? ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو ۽ پاڪستان انهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪري ٿو جيئن گڏ??ل قومن جي چارٽر ۾ لکيل آهي ۽ جنهن جي گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي لاڳاپ??ل قراردادن ۾ ضمانت پڻ ڏني وئي آهي. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ ??يو ته ڪشمير يڪجهتي ??ها??ي جي موقعي تي اچو اسان امن ۽ انصاف جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون، اسان سڀ گڏجي ڪش??ير?? عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي حقن ۽ پراڻي تڪرار جي پرامن حل جي وڪالت ڪريون ٿا.