اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي ٻطرفن لاڳاپن کي ڪارائتو، اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ کي ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جو دائرو وڌائڻ سان پاڪستاني حاجين کي سهولت ملندي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سع??دي عرب جي سفير نواف بن سع??د احمد المالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ و??ير??عظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران سندس و??ير??عظم جي عهدي تي ٻيهر چونڊ تي نيڪ خواهشن جي اظهار تي ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ خصوصي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي و??ير??عظم چيو ته سع??دي عرب جو سفير اهو پهريون غيرملڪي سفير آهي جيڪو و??ير??عظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ساڻس ملاقات ڪري رهيو آهي. و??ير??عظم چيو ته سندس حڪومت جي ترجيح پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ هر آزمائش تي پورو لهندڙ ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند، اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ ڌيان سع??دي سيڙپڪاري کي پاڪستان ۾ منصوبن جي لاءِ راغب ڪرڻ تي رهندو. و??ير??عظم ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ جو دائرو وڌائڻ تي سع??دي عملدارن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان سان پاڪستاني حاجين کي سهولت ملندي. و??ير??عظم کي سع??دي عرب جي دوري جي دعوت ڏيندي سع??دي سفير و??ير??عظم کي سع??دي قيادت پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. هن چيو ته سع??دي عرب مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي لاءِ سدائين قابل اعتماد حصيدار رهندو.