اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو بشام ويجهو ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حم??ي کانپوءِ چيني حڪومت سان رابطي ۾ آهي جنهن ۾ 5 چيني شهرين جي جانين جو زيان ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي ??نصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته اهڙي طرح جون ڪڌيون ڪارروايون هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي وڌيڪ س??هه ڏ??ن ٿيون. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀاءُ آهن، اسان کي ??ن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته بشام دهشتگرد حملي جي منصوبابندي پاڪ چين دوستي جي دشمنن ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان ??ڏج?? اهڙي سمورين قوتن جي خلاف پوري عزم سان ڪارروائي ڪنداسين ۽ انهن کي ??ڪست ڏينداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان ??ڏج?? ڪم ڪندو رهندو.