اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي و??د جي دوري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي س??ڙپڪاري ٿيندي، اسان کي اهڙي طرح محنت ۽ لگن سان ان سيڙپڪاري جي پاڪستان ۾ آمد ۽ منصوبن جي تڪميل يقيني بڻائڻي آهي، مون کي پورو يقين آهي ته جيڪڏهن اسان اهڙي طرح محنت ڪندا رهون ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ معاسي استحڪام جو هدف جلد حاصل ڪري و??نداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪي??. وزيراعظم شروعاتي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪابينا ??ي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ رمضان المبارڪ جي برڪتن جي طفيل پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته سعودي و??ي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورائتا آهيون جو منهنجي تازي دوري کانپوءِ سندس خصوصي دلچسپي تحت سعودي و??د پاڪستان جو دورو ڪي??. وزيراعظم وفاقي ڪابينا ۽ لاڳاپيل عملدارن جي سعودي و??د جي ڪامياب دوري جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته سعودي و??د پاڪستاني وزيرن ۽ عملدارين جي تياري کان متاثر ٿيو ۽ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آلسعود ان جو واضح اظهار ڪي??. وزيراعظم چيو ته سعودي و??د جي دوري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي س??ڙپڪاري ٿيندي. هن چيو ته اسان کي اهڙي طرح محنت ۽ لگن سان ان سيڙپڪاري جي پاڪستان آمد ۽ منصوبن جي تڪميل يقيني بڻائڻي آهي. ان حوالي سان نه ته پراڻي طريقيڪار تي هلڻ جي گنجائش آهي ۽ نه ئي ان جي اجازت ڏيندس. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي عوام سان ڪي?? وچن موجب پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪنداسين ۽ مون کي پورو يقين آهي ته جيڪڏهن اسان اهڙي طرح محنت ڪندا رهياسين ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ معاشي استحڪام جو هدف جلد حاصل ڪري و??نداسين.