اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گ??گت ??لتستان ۾ پن بجلي جي بي پناهه صلاحيت کي ترقي جي ??اءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قدرتي وسيلن کي علائقي جي ??عاشي خوشحالي جي ??اءِ مڪمل طور تي ترقي ڏيڻي پوندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گلگت ??لتستان جي گ??رنر سيد مهدي شاهه ۽ وڏي وزير گلبر خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته گلگت ??لتستان کي معدنيات ۽ جواهرات جهڙن بي پناهه قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي. ملاقات ۾ صدر کي گ??گت ??لتستان حڪومت جي ترقياتي منصوبن بابت آگاهه ڪيو ويو. کيس گلگت ??لتستان جي عوام کي درپيش مختلف مسئلن خاص طور تي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي گ??ٽتائي ۽ بيروزگاري بابت ٻڌايو ويو. گورنر ۽ وڏي وزير صدر کي گ??گت ??لتستان جي د??ري ۽ گلگت ??لتستان اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. صدر آصف علي زرداري گ??گت ??لتستان جي ??وجوانن جي تربيت ۽ هنرمندي جي ??اءِ پروگرام شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته نوجوانن کي مارڪيٽ جي طلب موجب قابل قدر صلاحيتن سان ليس ڪيو وڃي. صدر چيو ته علائقي ۾ جامع ۽ پائيدار ترقي جي ??روغ ??ي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته گلگت ??لتستان جي خودڪفالت جي ??اءِ مقامي ڪاروبار ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ قدم کنيا وڃن. صدر چيو ته گلگت ??لتستان ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ خطي جي تعليم ۽ صحت جي شعبي کي ملڪ جي ??ين علائقن جي برابر آڻڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو.