بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊا?? بيجنگ ۾ چين جي اي??زم بئنڪ جي چيئرمين ووفلن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ اي??زم بئنڪ جي چيئرمين اي??زم بئنڪ جي پاڪستان سان پراڻي تعاون ۽ پاڪستان ۾ مستقبل جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران نائب وزيراعظم مالياتي ۽ اقتصادي ا??تح??ام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جو خاڪو پيش ڪيو، هن خاص طور تي پاڪستان اسٽاڪ اي??سچينج جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي معيشت تي عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي تجديد ڪئي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊا?? سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ اهم ترقياتي منصوبن جي لاءِ اي??زم بئنڪ جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. نائب وزيراعظم بئنڪ کي قابل تجديد توانائي، زراعت، صنعتڪاري ۽ صنعتي شعبن ۾ فنانسنگ جي نئين منصوبن جي ڳولا جي دعوت پڻ ڏني.