اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي اقتصادي پاليسين ۽ سڌارن ۾ اقتصادي ماهرن ۽ نجي شعبي سان مشاورت کي اهميت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ٻاهرئين مُلڪن جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي پاڪستان جي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي فوري حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اقتصادي مشاورتي ڪميٽي ج?? پهريون اجلاس ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي رهيو آهي ج??هن جو واضح مثال اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي ج?? رجحان آهي. اجلاس کي معاشي انگن اکرن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال ٽئين ٽه ماهي ۾ زرعي شعبي ۾ واڌويجهه جي شرح 6.25 سيڪڙو رهي ج??ڪا گذريل سال 2.27 سيڪڙو هئي، صنعتي شعبي ۽ سروس سيڪٽر ۾ پڻ واڌويجهه جي شرح ۾ واضح اضافو ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ناڻي واڌ 38 سيڪڙ?? کان گهٽ ٿي 17 سيڪڙو تي اچي وئي آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو تائين ان جا اثر منتقل ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ??دم کڻي رهي آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪميٽي ميمبرن پاران معاشي بحالي ۽ مختلف شعبن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ج?? لاءِ ضروري قدمن تي ??وس ۽ مفصل سفارشون جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ملڪي اقتصادي پاليسين ۽ سڌارن ۾ اقتصادي ماهرن ۽ نجي شعبي سان مشاورت کي اهميت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته الحمدالله پاڪستان جي معاشي صورتحال اڳ کان بهتر آهي، ملڪي معاشي ترقي، روزگار جي فراهمي ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ وسعت جي لاءِ پهرين ڏينهن کان نجي شعبي کي سهولت فراهم ڪرڻ جي مشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته حڪومتي ??اليسين جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي ج?? شرح ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، گورننس جي ذريعي مهانگائي ۾ گهٽتائي جا اثر عام ماڻهو تائين پهچائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي حڪومتي ??اليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ غيرملڪي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪنداسين، عام ماڻهو تي ??يڪس جي شرح کي گهٽ ڪري ٽيڪس ڏيندڙن جي انگ ۾ اضافو ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ??دم کڻي رهيا آهيون، آبادگارن جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي ج?? لاءِ انهن کي معياري ٻج ۽ وقت تي ڀاڻ فراهم ڪنداسين، زرعي پيداوار کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ وچولي ۽ ننڍي پئماني ج?? صنعت کي فروغ ڏينداسين. وزيراعظم ٻاهرئين سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي پاڪستان جي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي فوري حل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن جهانگير خان ترين، ثاقب شيرازي، شهزاد سليم، مصدق ذوالقرنين، ڊاڪٽر ا??جاز نبي، آصف پير، زيد بشير، سلمان احمد ۽ شهريار چشتي، وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، مملڪتي ??زير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڊاڪٽر جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.