راولپنڊي – 23 ?? مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف گڏيل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري ??ي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سا?? گڏ آهن. وزيراعظم جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ گڏيل عرب امارات جو هي پهريون دورو آهي. ابوظهبي ۾ وزيراعظم محمد ش??با?? شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زايد النهيان جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي. ملاقات ۾ گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون ج?? وڌيڪ فروغ جي حوالي سا?? ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم پنهنجي دوري ??وران انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي سا?? تعلق رکندڙ پاڪستاني ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪاروباري ??خصيتن ۽ سيڙپڪارن سا?? ملاقات ڪندو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي اعليٰ حڪومتي عهديدارن ۽ اماراتي ڪاروباري ??خصيتن سا?? پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ موجود پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. وزيراعظم جُون اعليٰ اماراتي قيادت ۽ ڪاروباري ??رادري سا?? ملاقاتون حڪومت جي سفارتي ڪاميابين ۽ دوست ملڪن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ???? وڌندڙ رجحان جي عڪاسي ڪن ٿيون.