اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) ملڪ ۾ ٻهراڙي ۾ رهندڙ ماڻهن جو انگ شه??ي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کان وڌي ويو آهي، ٻهراڙي ۾ 14 ڪروڙ 77 لک 50 هزار ماڻهو رهن ٿا، اسپتالن جو انگ رڳو 1284 ۽ بنيادي صحت مرڪزن جو انگ 5520 آهي، ملڪ ۾ ماڻهن جي سراس??ي عمر 67.3 سال رهجي وئي. قومي اقتصادي سروي موجب سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت پبلڪ هيلٿ جي لاءِ 25.3 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا. اسپتالن جو انگ 1284، بنيادي صحت مرڪزن جو انگ 5520 رڪارڊ ڪيو ويو. 2022ع ۾ س??اس??ي عمر 67.3 سال هئي، ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڊاڪٽرن جو انگ 2 لک 99 هزار 113 آهي. قومي اقتصادي سروي موجب 2023ع ۾ ملڪ جي مجموعي آبادي 24 ڪروڙ 15 لک ماڻهن تي ٻڌل آهي. ٻهراڙي جي علائقن ۾ 14 ڪروڙ 77 لک 50 هزار ماڻهو ۽ شه??ي علائقن ۾ 9 ڪروڙ 37 لک 50 هزار ماڻهو رهن.