اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پلاننگ ڪميشن جي پ??لي??ي بورڊ جي جوڙجڪ جو مقصد نجي شعبي جي مدد سان ملڪ جي اقتصادي منصوبا بندي جي عمل ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻڻ آهي، پاڪستان جي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ ۾ وڏي سيڙپڪاري ۽ مختلف شعبن ۾ روانگي واپار کي وڌائڻ جي سخت ضرورت آهي. احسن اقبال جي صدارت هيٺ پلاننگ ڪميشن جي پ??لي??ي بورڊ جو پهريون اجلاس اسلام آباد ۾ منعق?? ٿيو. اجلاس ۾ رٿابندي وارو سيڪريٽري، وڏن نجي ادارن جي نمائندن، ڪارپوريٽ ليڊرز ۽ مختلف شعبن جي ماهرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي احسن اقبال چيو ته پ??لي??ي بورڊ جي جوڙجڪ جو مقصد نجي شعبي جي مدد سان ملڪ جي اقتصادي منصوبا بندي جي عمل ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته نجي شعبي جي شرڪت سان منصوبا بندي ڪميشن جي ڪارڪردگيءَ ۾ نمايان بهتري ايندي ۽ هي قدم پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. احسن اقبال ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پ??لي??ي بورڊ جا ميمبر منصوبا بندي ڪميشن جي مالي معاملن ۽ آڊٽ جي نگراني ۾ ح??وم?? مدد ڪندا. هن چيو ته بورڊ جا ميمبر اسٽريٽجڪ فريم ورڪ تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ گهڻ مُدي، وچ مُدي ۽ ڊگهي مُدي وارا منصوبا بڻائڻ ۾ به مُک ڪردار ادا ڪندا. وفاقي وزير چيو ته ح??وم?? پ??لي??ي بورڊ جي جوڙجڪ کي هڪ اهم سنگ ميل سمجهي ٿي ۽ ان ذريعي پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته ح??وم?? طرفان فائيو ايز فريم ورڪ، 13هين پنج سالا منصوبه ۽ ويزن 2030ع تي ع??لد??آمد کي يقيني بنائڻ لاءِ پ??لي??ي بورڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. ان فريم ورڪ تحت روانگي واپار، ڊجيٽل ترقي، ماحوليات، توانائي ۽ مساوات جهڙن مُک شعبن کي ترجيح ڏني وئي آهي. هن چيو ته پ??لي??ي بورڊ جي ميمبرن جي تجربن ۽ تجويزن سان قومي بجيٽ جي جوڙجڪ ۾ به مدد ملندي ۽ ان عمل کي وڌيڪ شفاف ۽ ڀروسي جوڳو بڻايو ويندو. احسن اقبال ان ڳالهه تي زور ڀريو ته بورڊ جي ميمبرن کي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ گهرجي ته جيئن رٿابندي ڪميشن کي بهتر بنائڻ ۾ مدد ملي سگهي. وفاقي وزير چيو ته پ??لي??ي بورڊ جي ميمبرن جي شموليت منصوبا بندي ڪميشن کي هڪ مڪمل ٿنڪ ٽينڪ شڪل ڏيندي جنهن سان پاڪستان جي ترقياتي عمل ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ح??وم?? نجي شعبي جي ماهرن جي تجويزن جي آجيان ڪري ٿي ۽ انهن جي مشورن کي قومي ترقياتي منصوبن ۾ شامل ڪيو ويندو. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار ۾ واڌ جي سخت ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پ??لي??ي بورڊ جا ميمبر قومي ترقيءَ جي عمل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا ۽ ح??وم?? سان گڏجي ملڪ کي معاشي استحڪام جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ مدد ڪندا. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته ح??وم?? جو عزم آهي ته پاڪستان کي 2035ع تائين هڪ کرب ڊالرن جي معيشت بڻايو وڃي ۽ ان لاءِ فائيو ايز فريم ورڪ تي اثرائتو عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته نجي اداري، سول سوسائٽي ۽ ماهرن کي گڏجي ملڪ کي استحڪام طرف وٺي وڃڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. نجي ادارن سا?? تعلق رکندڙ سمورا اسٽيڪ هولڊرز، ماهر پ??لي??ي بورڊ جي پهرين ميٽنگ ۾ پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ ح??وم?? سان مڪمل طور تي مدد جي عزم جو اظهار ڪيو.