اسلام آباد -16 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت سماجي، اق??صا??ي ۽ عدالتي سڌارن لاءِ پرعزم آهي، جنهن جو مقصد ملڪ کي تيز تر اق??صا??ي ترقي جي رس??ي تي آڻڻ آهي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چٽن لفطن ۾ چيو ته ڪنهن کي به ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته دوست ملڪن ايندڙ پنجن سالن ۾ پاڪستان ۾ 27 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته سعودي عرب 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت 10-10 ارب ڊالرز، آذربائيجان 2 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪندا. هن چيو ته چين سي پيڪ جي ٻئي مرحلي لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي آهي. هن چيو ته چين ترقي، روزگار، جدت، سرسبز ??عيشت ۽ علائقائي ترقي سميت پنجن نيون راهداريون کولڻ جي خاطري ڪرائي آهي. وفاقي وزير چيو ته ڊينمارڪ جي هڪ ڪمپني پاڪستان ??ي بندرگاهن ??ي بنيادي ڍانچي جي شعبي ۾ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي.