اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (افغانستان ۽ ا??ڀر ايشيا) سفير احمد نسيم وڙائچ افغانستان بابت ماسڪو فارميٽ ڪنسلٽيشنز جي ڇهين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ماسڪو فارميٽ جي ملڪن گڏيل بيان ۾ افغانستان ۾ امن امان جي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي دهشتگرد ۽ عليحدگي پسند گروپن پاران عالمي ۽ علائقائي استحڪام کي لاحق خطرن جو ذڪر ڪيو. هن ان ضرورت تي زور ڏنو ته افغانستان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جامع قدم کڻي ۽ پنهنجي سرزمين کي پاڙيسري ملڪن ?? وسيع خطي جي خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪي.