اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفالح جي قيادت ۾ اعليٰ سطح جو سعودي وفد 9 کان 11 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممت??ز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته وفد ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ادارن جا نمائندا شامل هوندا. هن چيو ته سعودي وفد جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات طئي آهي، ان دوري جو مقصد ٻطرفي تعاون کي و??ائڻ ۽ گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي حصيداري کي مثبت تحرڪ ڏيڻ آهي. ترجمان چيو ته هي دورو وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ولي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم محمد بن س??ما?? جي و?? ۾ اپريل 2024ع ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي و?? ۾ اقتصادي تعاون کي و??ائڻ جي لاءِ طئي ٿيندڙ مفاهمت کانپوءِ ٿي رهيو آهي.