اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي ) شن??ها??ي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شر??ت لاءِ ازبڪستان جو وزيراعظم عبد الله ??ريپوف پاڪستان پهچي ويو. نور خان ايئر بيس پهچڻ تي توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري مهمان وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي روايتي پاڪستاني لباس پهريل ٻارن وزيراعظم عبدالله ??ريپوف کي گلدستو پيش ڪيو. مهمان وزيراعظم لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو هو. پاڪستان ?? ازبڪستان جو سفير، سفارتخاني جون اعلى اختياريون ۽ ٻيون سرڪاري شخصيتون پڻ موجود هيون .