اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) نائب و??يراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اپيا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس (سي ايڇ او جي ايم) جي موقعي تي جمهوريه گانا جي پرڏيهي معاملن ۽ علائقائي يڪجهتي واري وزير شرلي ايور ڪربوٽچوي سان ملاقات ڪ??ي. ??رڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ گهانا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي بلندي جي رفتار کي نظر ۾ رکندي نائب و??يراعظم سينيٽر اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي وزير ايور ڪربوٽوچي گڏيل قدرن، گڏيل اعتماد ۽ عالمي سطح تي تعاون تي ٻڌل دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن مخ??لف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ تعليم ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. نائب و??يراعظم ??هانا کي اسلام آباد ۾ هڪ ريزيڊنٽ مشن کولڻ جي اڇ ڪئي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ سگهه ملي. هن نائب و??يراعظم ??ي 26 – 2025ع جي مدي لاءِ پاڪستان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني.