اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان پاڪستان ۾ مقرر ترڪيه جي سفير عرفان نيزير اوگلو ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرف?? ناتن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. ڪالهه جاري بيان موجب زرعي ۽ صنعتي شعبي ۾ ٻه طرف?? ناتن وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻه ناتا آهن. ٻنهي ملڪن کي واپاري ڳاڻيٽي کي وڌائڻ گهرجي. وفاي وزير چيو ته اليڪٽرڪ وهيڪل مينيوفيڪچرنگ سيڪٽر ۾ ترڪش ڪمپنيون سيڙپڪار?? ڪري سگهن ٿيون. ترڪيه جي سفير چيو ته ٻه طرف?? ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.