اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان پاڪستان کي مالي مدد جي فراهميءَ کي سٺو سنوڻ ??رار ڏنو آهي. هن اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي اڳواڻي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سينيئ?? ڊائريڪٽر طارق ايڇ نيازي ڪئي. ان موقعي تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان ۾ رهندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر اينافن ۽ ان ??ي ٽيم به موجود هئي. ملاقات دوران ??ارق ايڇ نيازي ناڻي واري وزير کي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي عوامي شعبي جي انتظام ۽ بهتر حڪمران?? لاءِ کنيل قدمن کان ??گاهه ڪيو ۽ چيو ته قدمن جو مقصد ڪلي معيشت ۽ مالياتي انتظام کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيوته بئنڪ اُسرندڙ ملڪن کي پاليسي ۽ اداره جاتي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ به معاونت فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ تحت پاڪستان ۾ اقتصادي سڌارن، سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ منصوبا غور هيٺ آهن. ان منصوبن ۾ خاص طور تي پاليسي ۽ انتظامي سڌارا، ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن، عوامي ۽ نجي حصيدارين، موسمياتي تبديلي، پاليسيءَ تي ٻَڌل ضمانتون، مالي ۽ بجيٽ جي معاونت، غربت جي خاتم?? لاءِ امداد ۽ پينشن سڌارن ج?? لاءِ فني معاونت شامل آهي. ناڻي واري وزير بئنڪ طرفان پاڪستان کي فراهم ڪيل مالي ۽ فني معاونت جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته بئنڪ جي سهڪار جي شعبي پاڪستان ??ي ترقي جي ضرورت سان هم آهنگ آهن. هن بئنڪ طرفان موسمياتي لچڪ کي بهتر بنائڻ ۽ حڪومت ۽ پينشن سڌارن جي ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ ۾ معاونت کي سٺو سنوڻ ??رار ڏنو.