اسلام آباد-29 نومبر (اي پ?? پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال استادن جي ت??بيتي انسٽيٽيوٽ جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ نوجوانن کي مستقبل جي چئلينجز لاءِ تيار ڪرڻ خاطر تعليمي سڌارن جي فوري ضرورت تي زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزير کي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ايڪسيلينس ان ٽيچر ايجوڪيشن (NIETE) ۽ اسڪول آف ايجوڪيشن جي سهڪار سان جاري استادن جي ت??بيتي منصوبي تي بريفنگ ??ني وئي. وفاقي وزير احسن اقبال تجويز ڪيل تعليمي سڌارن تي ڳالهائيندي اخلاقي بنيادن جي بحالي ۽ نوجوانن ۾ عالمي تناظر کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته اسان جي ت??ليمي نظام کي ٽيم ورڪ، تعاون ۽ اجتماعي ڪاميابين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. وفاقي وزير ان موقعي تي استادن جي ڪردا کي علم جي منتظمين طور اجاگر ڪيو ۽ چيو ته هو مستقبل جي اڳواڻن کي زندگي جي مهارتن ۽ مضبوط سماجي شعور سان ليس ڪندا. اجلاس ۾ ملڪ جي ت??ليمي نظام جي وڏين خامين تي روشني وڌي وئي، جن ۾ 18 لک استادن کي جديد چئلينجز لاءِ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. وڌندڙ آبادي جي گهرجن کي پ??رو ڪرڻ لاءِ 10 لک نون استادن جي ضرورت پوندي. وفاقي وزير عالمي معيار جي ت??بيتي پروگرامن جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن 21 هين صدي جي ت??ليمي ضرورتن موجب هم آهنگي پ??دا ڪري سگهجي. پيش ڪيل تجويزن ۾ فن لينڊ، سنگاپور، آسٽريليا ۽ ويٽنام جهڙن ملڪن جي بهترين طريقن کي اختيار ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. جن ۾ نظريي ۽ عملي ت??بيت کي جوڙڻ، تبديلي لاءِ موزونيت کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪيريئر جي ت??قي سان جڙي?? تربيتي سرٽيفڪيشن شامل آهن. پروفيسر احسن اقبال هيڊ ماسٽر ۽ هيڊ مسٽريس لاءِ لازمي سرٽيفڪيشنز جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن سندس قيادت جي صلاحيتن جو جائزو وٺي سگهجي. هن هدايت ڪئي ته سرڪاري اسڪولن کي بنيادي مهارتون سکارڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي ته جيئن سڌارن جي معاشرتي فائدن کي وسيع پئماني تي حاصل ڪري سگهجي. اجلاس ۾ روڊ ميپ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ عالمي حصيداري، نصاب جي ت??قي ۽ استادن جي ت??بيت ۽ 21 هين صدي جي مهارتن لاءِ عالمي معيارن جي قيام ذريعي عالمي سڃاڻپ کي حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو ويو.