رياض – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجو 2 ڏينهن جو سعود?? عرب جو دورو مڪمل ڪري وطن روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وج?? وزيراعظم پنهنجي سعود?? عرب جي دوري دوران رياض ۾ منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم دنيا کي مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ کان بچ??ئڻ جي لاءِ 6 نقاطي ايجنڊا تجويز ڪئي ۽ پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي ماحولياتي تبديلي جي خطرن جي ڪري مشڪلاتن ۽ چئلينجز تي پڻ روشني وڌي. وزيراعظم جي رياض ۾ سعود?? عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان آل سعود سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪ سعوديه لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ ۽ انهن ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان سعودي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي عملدرآمد جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جي فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي مهارتن ۾ ترقي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ذريعي تعاون وڌ??ئڻ تي اتفاق ٿيو.