اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ اسلام آباد احمد شهزاد گوندل قو??ي خابرو اداري (اي پي پي) ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس ۾ نامزد مرڪزي جوابدار ارشد مجيد چوڌري سميت 5 جوابدارن کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ ا?? جي حوالي ڪري ڇڏيو. قومي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اي پي پ?? جي اڳوڻي مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد، سندس پٽ تيمور ارشد، سعد يوسف، قيصر جواد ۽ فواد خان کي عدالت ۾ پيش ڪيو. ريمانڊ ۾ ايف آءِ اي گذارش ڪئي ته جوابدارن کان وڌيڪ جاچ، رڪارڊ ۽ رقم جي برآمدگ?? جي لاءِ 7 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ گهربل آه??. ايف آءِ ا?? جي سب انسپيڪٽر احتشام گوندل عدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻي مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد 18 ملازمن کي پگهارون جاري ڪرڻ جون صحيحون ڪيون جيڪو غيرقانوني قدم آه?? جڏهن ته عثمان يونس بطور آڊٽ انچارج ان فراڊ ۽ دوکيبازي ۾ ملوث آه??. جوابدارن کان دستاويزن جي برآمدگي ۽ اي پي پي کان ورتل پگهار جي مد ۾ وصول ڪندڙ رقم برآمد ڪرڻ جي لاءِ جوابدارن جو 7 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي. جاچ آفيسر احتشام گوندل چيو ته اسان جي جاچ موجب انهن مقررين جو نه ته اداري نوٽيفڪيشن ڪيو آه??، نه ئي ايڇ آر ڊپارٽمينٽ ۾ انهن جو رڪارڊ آه?? ۽ نه ئي ميڊيڪل رپورٽ اداري کي پيش ڪئي وئي آه??. اهي ڀرتيون ادار?? جي سربراهه جي جعلي صحيحن جي ذريعي ڪيون ويون آه??. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته قو??ي خابرو اداري اي پي پ?? جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ مئنيجر ايڇ آر کان به جاچ ڪئي آه?? جنهن سان ثابت ٿيو آه?? ته اهي مقرريون انهن جي منظوري سان ناهن ٿيون. عدالت کي ٻڌايو ويو ته انهن مان ڪيترائي ملازم ٽن ٽن مهينن جون پگهارون وٺي چڪا آه??. انهن جي ريڪوري ۽ انهن مقررين جي جعلي دستاويزن جي برآمدگ?? جي لاءِ جوابدارن جو جسماني ريمانڊ ضروري آه??. اڳوڻي مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد چوڌري جو پٽ تيمور ارشد پڻ فائدا وٺندڙن ۾ شامل آه??. ان ڪيس بابت سمورو رڪارڊ ارشد مجيد وٽ آه??، ان جو به جسماني ريمانڊ ضروري آه??. ان ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مان ڪيترائي رشتيدار آه?? جڏهن ته اهو به ثابت ٿئي ٿو ته ان ڪيس جو مرڪزي ڪردار مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد چوڌري آه??. اي پي پ?? جي ليگل ايڊوائيزر خرم بيگ عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن جعلي ڪاغذ تيار ڪري جعلي صحيحن جي ذريعي ڀرتيون ڪيون ۽ اڳوڻي مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد انهن کي پگهارون جاري ڪيون. خرم ملڪ ٻڌايو ته انهن ڀرتين جي منظوري نه ته مقرري ڪندڙ عملدارن کان ورتي وئي هئي نه ئي ايڇ آر جي رڪارڊ ۾ موجود آه??. گرفتار 5 جوابدارن مان 4 جوابدار اهڙا آه?? جن اي پي پي کان پگهار جي ذريعي غيرقانوني فائدا حاصل ڪيا جڏهن ته اڳوڻي مئنيجر اڪائونٽس جون صحيحون موجود آه?? جنهن جي ذريعي انهن کي پگهار جاري ٿيندو رهيو. ٻڌڻي دوران جج احمد شهزاد گوندل ايف آءِ اي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ان ڪيس ۾ مقرري ڪندڙ عملدارن کان به جاچ ڪئي وئي ته ان جي جواب ۾ انسپيڪٽر ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته اي پي پ?? جي ايم ڊي سميت مئنيجر ايڇ آر کان به ان معاملي تي جانچ ڪئي وئي جنهن مان اهو ثابت ٿيو آه?? ته ڄاڻايل ڀرتيون جعلي ۽ غيرقانوني دستاويز تيار ڪري ڪيون ويون آه??. جنهن تي جج چيو ته غيرقانوني ڀرتي ٿيندڙن کان رقم واپس وٺ??ي هوندي آه??، وڌيڪ انويسٽيگيشن سان ثابت ٿيندو ته ڇا اهي ڀرتيون جعلي آه??. جج حڪم ڏنو ته جوابدارن جي خلاف ٿيندڙ محڪماڻي انڪوائري رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران ارشد مجيد ۽ تيمور ارشد پاران عامر عباس ملڪ، جوابدار سعد يوسف پاران راشد عمر اولک عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ جسماني ريمان?? جي مخالفت ڪئي. عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي پنجن ئي جوابدارن کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ ا?? جي حوالي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ايف آءِ اي اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور جي عدالت پاران جوابدارن جون عبوري ضمانتون رد ٿيڻ تي عدالت جي ڪمري ٻاهران جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو. ايف آءِ اي قو??ي خابرو اداري اي پي پي ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس ۾ جوابدارن تي ايف آءِ آر داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪئي هئي.