اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، شهي?? محترمه بينظير ڀٽو ج?? جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ بي مثال خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته هوءَ نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ جمهوريت جي علمبردار طور سُڃاتي ويندي هئي. هن شهي?? محترمه جي سياسي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چيو ته هن اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر بڻجڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو، جنهن سان ملڪ جي عورتن کي سياست ۾ اچڻ ۽ پنهنجو هاڪاري ڪرداري ادا ڪرڻ جو حوصلو مليو. هن اهڙو اظهار شهي?? محترمه جي 17هين ورسيءَ جي موقعي تي ڪيو، جيڪو هر سال 27 ڊسمبر تي سڄي ملڪ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي آهي. اسپيڪر چيو ته محمد نواز شريف ۽ شهي?? محترمه جي ڪوششن سبب ميثاقِ جمهوريت ممڪن ٿي ج??ڪا ملڪ جي ٻن وڏين سياسي پارٽين جو وڏو ڪارنامو آهي. هن چيو ته ميثاقِ جمهوريت عيوض 18هين ۽ 26هين ترميمن ذريعي 1973ع جي آئين کي پنهنجي اصل روح ۾ بحال ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستاني قوم صدر ??مل??ت آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ٿورائتي آهي جنهن شهي?? محترمه ڀٽو ۽ محمد نواز شريف وچ ۾ ڪيل ميثاقِ جمهوريت جي عهد کي نڀايو. هن موجوده دؤر ۾ قومي مفاهمت کي هٿي ڏيڻ ۽ قومي مفادن کي ذاتي مفادن تي ترجيح ڏيڻ لاءِ محترمه جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.