اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اس??ام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ قائداعظم محمدع??ي جناح جو 148هون جنم ڏڻ انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ان موقعي تي مين اس??يم ميڊيا، ريڊيو ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فار?? حب الوطني جي گيتن سان گونجي اُٿيا ۽ قومي گيتن، دستاويزي فلمن ۽ خاص پروگرامن ذريعي پاڪستان جي باني کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن جي قيام لاءِ قائداعظم جي غير متزلزل عزم کي اجاگر ڪيو ويو. هي ڏينهن قائداعظم جي جدوجهد ۽ قربانين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ان موقعي تي سرڪاري، غير سرڪاري، نجي، فل??حي ۽ تعليمي ادارن ۾ خاص تقري??ن جو بندوبست ڪيو ويو ۽ پاڪستان جي باني کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ڀرپور انداز ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو.