راولپنڊي 09 جنوري (اي پي پي) وف??قي گهرو وزير محسن نقوي ڪالهه اي اين ايف هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي جو دورو ڪيو. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب ڊائريڪٽر جنرل اي اين ايف ميجر جنرل عبدا??مع??د، حلال امتياز ( ملٽري ) ان موقعي تي سندس استقبال ڪيو. وف??قي وزير کي اي اين ايف پاران سال 2024ع دوران منشيات جي اسمگل??گ خلاف حاصل ڪيل ڪاميابين جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وف??قي وزير منشيات اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ اي اين ايف جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ملڪ ۾ منشيات جي استعمال جي وڌندڙ رجحان ۽ درپيش مسئلن جو تدارڪ ڪندي اي اين ايف جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. آخر ۾ وف??قي وزير تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ نوجوان نسل کي منشيات فروشي ۾ ملوث عنصرن خلاف اي اين ايف جي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو.