اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا زائرين جي سهولت جي فيري سروس شروع ڪرڻ، وفاقي گادي واري شهر لاءِ ڪيپيٽل ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ۽ اسلام آباد جي مختلف زونز ۾ غير قانوني سوسائيٽيز ۾ ٿيندڙ تعميرات، گئس ۽ بجلي جي ڪنيڪشن تي لاڳو پابندي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽين جي قيام ۽ ب??ترين ??ار??ردگي تي بيت المال جي ايم ڊي جي ملازمت جي مدي ۾ توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نيپرا سالياني رپورٽ ڪابينا کي پيش ڪئي جنهن موجب گهٽ ??ار??ردگي وارن پاور پلانٽس کي بند ڪيو پي?? وڃي، ڪابينا تازين برساتن جي نتيجي ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان خاص طور تي سنڌ ۾ ٿيندڙ تباهڪارين ۽ فصلن کي پهچندڙ نقصانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي ذميداري سونپي آهي ته صوبائي حڪومتن سان گڏجي ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿيندڙ نقصانن جو جائزو ورت?? وڃي ته جيئن متاثرين کي رليف جي فراهمي جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙي سگهجي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ۽ ڪراچي جي مسئلن کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي حڪومت جي مدد تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪراچي ملڪي معيشت جي لاءِ انجڻ آف گروٿ جو ڪردار ادا ڪري ٿو، هن چيو ته ڪراچي جي ترقي ملڪ جي ترقي آهي، تنهن ڪري وفاقي حڪومت ڪراچي جي مسئلن جي حل جي ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان پرعزم آهي.